جهاٻا ۽ جهُوڙا

جهاٻا ۽ جهُوڙا

جهاٻا ۽ جهُوڙا

جهاٻا ۽ جهُوڙا: هي ٻن لفظن: جهاٻا + جهوڙا تي مشتمل اصطلاح آهي. جهاٻا، اُٺن جي سينگار جي سامگري آهن. جهاٻن ۾ ننڍڙيون ٽليون مڙهيل هونديون آهن، جيڪي لُڏڻ سان هلڪا سُريلا واڄا ڪنديون آهن. جُهوڙا ملس، پشم، ڏاس يا سُٽ مان ڪاريگريءَ سان ڳتيل ٽؤنرن سان ٺهيل ٿلها ڳانا ٿيندا آهن، جيڪي اڪثر اُٺن جي ڳچين ۾ سينگار لاءِ وڌا ويندا آهن. شاهه لطيف پڻ پنهنجي ڪلام ۾ جهاٻن ۽ جهوڙن جو ذڪر هن ريت آندو آهي:
ڳاڙها ۽ ڳُوڙها، سَڄَڻ ڊاکَ ڇُڳَن جيئن،
مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا،
سَچُ ڪِ سَنُڀوڙا، سَڄَڻَ اَچِن سامُهَان.
(بلوچ : سُر بروو، داستان ٽيون، بيت نمبر 3)


هن صفحي کي شيئر ڪريو